سنڌي الف ب

سنڌي الف ب

بابنامو

بابنامو (ڪتاب ): هيءُ ڪتابڙو موجودہ سنڌي الف- ب جي مقرريءَ کان پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ديوان ننديرام سيوهاڻي هو. سر بئرو ايلس جي نگرانيءَ ۾ 29 مارچ 1854ع تي هن ڪتاب جون 1500 ڪاپيون ليٿو ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون ۽ في ڪتاب جي قيمت ٻہ آنا هئي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن، جن مان 23 صفحا ’هِجي‘ لاءِ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ 8 سبق ڏنل آهن، جن ۾ ڪل 70 جملا ڏنل آهن، انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌي ، عربي صورتخطي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارڻ جي شروعات هن ڪتاب کان ئي ٿي.


لفظ بابناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1854.03.29  عيسوي

سر بئرو ايلس جي نگرانيءَ ۾ 29 مارچ 1854ع تي هن بابنامو (سنڌي لپيءَ ۾ پهريون ڪتاب) جون 1500 ڪاپيون ليٿو ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون ۽ في ڪتاب جي قيمت ٻه آنا هئي



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پشتو شاعريءَ جو سنڌي روپ
تنبية الفقراءِ
دنيا جون درسگاهون ڀاڱو پهريون
سداچارُ
دنيا جو چڪر ۽ واپاري آزموده
اڪبر بادشاھہ ملا دوپيازو ۽ بيربل وزير
ٽيھہ اکري ۽ مداحون
الف ليليٰ سنڌي باتصوير
ٻھراڙيءَ جي چانڊڪا عامل پئنچائت جي ڏيتي ليتيءَ جي بندي
ٿر تي ٿڌو چنڊ
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون