بابن واھہ ٻانڀڻاھہ

بابن واھہ/ ٻانڀڻاھہ: روايت آهي تہ هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي، يعني اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي. دلوراءِ جي گاديءَ جو هنڌ شھر بابن واھہ هو. بابن واھہ شايد بانبراھہ جي بدليل صورت هجي، جنهن مان مراد ٻانڀڻاھہ (برهمڻ آباد) هجي، عوام ۾ ائين مروج هو. بابن واھہ جي آثارن مان هڪ منارو اڃا تائين سرزمين تي موجود آهي. اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شھدادپور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل ڏکڻ- اوڀر پاسي باقي آهي. اهي آثار جيڪي اصل ۾ منصوره شھر جا آهن، عوام ۾ بانبراھہ (برهمڻ آباد) جا آثار ليکيا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو