بابو غلام حسين

بابو غلام حسين

بابو غلام حسين

بابو غلام حسين: ٺٽي ضلعي جو مشھور سياستدان بابو غلام حسين ولد حاجي عبدالواحد ميمڻ 8 جنوري 1938ع تي ٺٽي جي ’سوني منڊي‘ محلي ۾ ڄائو. هن شروعاتي ۽ ثانوي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر ۽ بي. اي ڪري، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪيائين. سياسي زندگيءَ جي شروعات 1964ع ڌاري فاطمہ جناح واري اليڪشن ۾ ايوب خان جي مخالفت سان ڪئي. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1972ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. 1987ع ڌاري لوڪل باڊيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پوءِ لاڳيتو 1988ع، 1991ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ضلعي ٺٽي مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 11 مهينا جيل ۾ رهيو. پاڻ پيپلز پارٽيءَ جو مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن آهي. هن وقت ٺٽي جي سوني منڊي محلي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ بابو غلام حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.01.08  عيسوي

ٺٽي ضلعي جو مشهور سياستدان بابو غلام حسين ولد حاجي عبدالواحد ميمڻ 8 جنوري 1938ع تي ٺٽي جي ’ سوني منڊي ‘ محلي ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم سھتو پروفيسر
شھاب الدين غوري
پير آغا عبدالرحيم رح
رشيد صابر
ڄام محمد عرف انڙ
آچاريه آسودومل ٽيڪچند گدواڻي
ظفر لغاري
جتوئي غلام مرتضيٰ خان
سري چند راگهائو
فقير يار محمد پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون