
باتاج بادشاهه
باتاج بادشاھہ (ڪتاب): هي ڪتاب سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني ستين پير سائين پاڳاري رحمت الله عليه جي زندگيءَ تي لکيل ڪالمن/مضمونن جو مجموعو آهي، ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم ۽ مضمون عالمن، اديبن ۽ ساڃاھہ وندن سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني رحمت الله عليه جي وصال کانپوءِ لکيا ويا، جيڪي حافظ عبدالقيوم مھر سڪندري، حافظ محمد مريد مڱريي جي مدد سان سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آندا. هي ڪتاب ٻارهن عنوانن تي مشتمل آهي، هر عنوان جي سري هيٺ سيد شاھہ مرادن شاھہ ثانيءَ جي خانداني، شخصي، روحاني ۽ سياسي پسِ منظر سان گڏ سندن زندگيءَ جي ٻين مختلف رخن ۽ ذاتي خيالن تي روشني وڌي وئي آهي. پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائٽل، 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فيبروري 2012ع ۾ مدرسہ صبغة القرآن شاھہ مردان شاھہ سنجهورو، ضلعي سانگهڙ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز ۽ اُچي ڪاغذ تي شايع ٿيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيہ ڄاڻايل آهي.