
باجو
باجو: موسيقيءَ جو هڪ ساز يا واڄو، جنهن کي ’هارمونيم‘ بہ چوندا آهن. وڄائڻ جو خاص ساز، هارمونيم ٻہ اڍائي چورس فوٽ ڪاٺ جي پيتي، جنهن ۾ راڳ جي لحاظ سان ٽن حصن ۾ خانا ورڇيا ويندا آهن. هرهڪ خانو وري ستن سُرن جي لحاظ سان ترتيب هيٺ آيل هوندو آهي. ڳائڻو پنھنجي ڳلي جي پھچ سارو ٽنهي حصن مان ڪنهن هڪ کي پنهنجو گرام بنائي راڳ ڳائيندو آهي.