باختر: اڳئين زماني ۾ هندو ڪش جبل ۽ جيحون نديءَ جي وچ واري ملڪ جو نالو، جتي ٻن ٿوهن وارو اُٺ ٿيندو آهي، جنهن کي ’باختري‘ چون. باختر کي ’بلخ‘ بہ سڏيو ويندو آهي. وچ ايشيا جي قديم يوناني سلطنت جنهن جي حدن ۾ هن وقت جو اتر افغانستان ۽ مشرقي ايران اچي وڃن ٿا. هن سلطنت جي گادي جو هنڌ باختر موجودہ بلخ هو. هي ايران جي باجگزار رياست هئي جنهن کي 328 ق. م سڪندراعظم فتح ڪيو هو. ان کان پوءِ هيءَ سلطنت سليوڪسي بادشاهن جي هٿ هيٺ رهي. 24 ق. م ۾ خودمختيار يونانين ۽ باخترين جي طاقتور رياست طور سامهون آئي. 13 ق. م ۾ خانہ بدوش سٿين هن رياست کي فتح ڪيو. 653ع ۾ بلخ کي (باختر قديم) عربن فتح ڪيو. ڪي صديون هيءُ شھر تاريخ ۾ ڏاڍي اهميت جو حامل رهيو. آخري ڀيرو هن شھر کي چنگيز خان تاتاريءَ تھس نهس ڪري ڇڏيو. هتي قديم دور جا ڪيئي يادگار موجود آهن. جھڙوڪ: حضرت ابراهيم اڌم بلخي جي مزار بہ تباھہ حال صورت ۾ موجود آهي. ٻڌن جو وهارو ”نوبهار“، خواجہ محمد پارسا جي مسجد ۽ سلطان احمد حضرويه جي قبر بہ هتي آهي. هي شھر انهيءَ لحاظ کان بہ اهم آهي تہ هتي مولانا جلال الدين روميءَ جنم ورتو.
0328.00.00 قبلِ مسيح
هي باختر موجوده بلخ ايران جي باجگزار رياست هئي جنهن کي 328 ق . م سڪندراعظم فتح ڪيو هو