بادا: مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ۽ انهيءَ نسبت سان تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ تپو، جنهن ۾ ديھہ ’بادا رعيتي‘، ديھہ ’بادا جاگير‘، ديھہ ’رائلو‘، ديھہ ’خانپور‘ ۽ ديھہ ’ميولس‘ موجود آهن. ’بادا‘ ڪنهن وقت ۾ سنڌو درياءُ جو پراڻو بندر ۽ پتڻ هوندو هو. هيءُ پتڻ، پراڻي ڦليليءَ جي منهن کان سامهون ڪوٽڙي تعلقي ۾ هوندو هو، جنهن ڪري اُن جو سڌو واپار ٻيڙين رستي حيدرآباد شھر ۽ آسپاس سان هلندڙ هو. چون ٿا تہ هتي جا سيد ڪنڀارڪو هنر ڪندا هئا. سندن ٿاڌل جا ڪونڊا، چلمون، دلا، مَٽَ، تس، پاٽيون، پارا ۽ ٽڀا وغيرہ نهايت مضبوط ٺهندا هئا. ٿانون جو گهاڙيٽو بہ اهڙو سھڻو هوندو هو، جو اهي سوکڙيءَ طور ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ مشھور هئا. خاص ڪري ٻارن جا رانديڪا، چلمون ۽ حقا، گهاڙيٽي، سونهن ۽ مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا.