بادل جمالي

بادل جمالي

بادل جمالي

بادل جمالي: بادل جمالي، ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪھاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڳوٺ شھزاد جمالي، ضلعي مٽياريءَ ۾، 29 مئي 1947ع تي جنم ورتو. پنھنجي ڳوٺ جو پھريون مئٽرڪ پاس، گرئجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيل شخص آهي. 1985ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ پنھنجيءَ محنت ۽ صلاحيت سان 1989ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر ٿيو. پي ٽي ويءَ جا سمورا پروگرام، موسيقي، اسٽيج شو، ڊراما، ٻارن جا پروگرام، لانگ پلي، پورٽريٽ ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي. پي ٽي وي ٽئين چئنل تي ”ادبيات“ جو سنڌي پروگرام بہ سندس هٿ ۾ هو. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي. بادل جمالي 1975ع ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ادبي دُنيا ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سندس ڪھاڻين جا مجموعا: ’پاڙي ناھہ پروڙ‘ (1980ع)، ’سنگرام‘ (1987ع)، ’اويلو مسافر‘ (2013ع) ۽ ’نفيس خواب، ريشمي خواهشون‘ (ڪھاڻيون: 2021ع) ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوہ ’چار ڪھاڻيڪار، چار نقاد‘، ’چونڊ سنڌي ڪھاڻيون‘ (1975ع کان 1980ع) ۽ منصور پبليڪيشن جا ٻہ ’ڪھاڻي نمبر‘ (ڪتاب) مرتب ڪيل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سگا ۽ پاڪستان اڪادمي ادبيات اوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ بادل جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.05.29  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر ۽ منفرد ڪهاڻيڪار بادل جمالي، ڳوٺ شهزاد جمالي ، ضلعي مٽياريءَ ۾ ، 29 مئي 1947ع تي جنم ورتو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياض صديقي
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
جيئل اوڏ
ڪيرت ٻاٻاڻي
پرويش شاهين
ليلارام رچنداڻي
رئوف نظاماڻي
عبدالرشيد گبول
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون