بادو درويش: حيدرآباد شھر جي ويجهو، ناهين جي ڳوٺ ۾ درويش بادو دفن ٿيل آهي، جو مخدوم نوح جو مريد هو. چون ٿا تہ جڏهن پهرين پهرين اچي مخدوم وٽ مريد ٿيو، تڏهن هن چيس تہ ”ڪلمو پڙھہ“؛ ڪلمي پڙهڻ سان مڇيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو ۽ بيهوش ٿي ويو ۽ مُئن وانگر سُڪي ويو. اندر حجري ۾ کڻي ويس. ٽي ڏينهن انهيءَ حال ۾ پيو رهيو. پوءِ اٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪامل ولي ٿي پيو.