بارسلونا

بارسلونا

بارسلونا

بارسلونا (Barcelona ):اُتر اوڀر اسپين جو شھر بارسلونا، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي، اسپين جي قديم تاريخي، ثقافتي ۽ عيسائي بشپ جي مرڪز طور بہ مشھور آهي. هن شھر جي آدمشماري 50 لک کان وڌيڪ ٿيندي. رومين جي دؤر ۾ هيءُ شھر اتر اوڀر اسپين جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شھر سڀ کان پهرين ڪارٿيج وارن آباد ڪيو هو. هتي جا پراڻا آثار هن شھر جي قدامت جا مظهر آهن. 713ع ۾ مسلمانن هتي قبضو ڪيو. ليڪن 90 سالن بعد 801ع ۾ فرانس جي مشھور فاتح شارليمين جي پٽ لوئي پهرئين، هي شھر مسلمانن کان خالي ڪرائي ورتو، پر 856ع ۾ وري مسلمانن هن تي قبضو ڪيو. سن 1706ع ۾ ارل آف پيٽر برو هتي پنهنجو قبضو ڄمايو. سن 1808ع ۾ فرانس جي مشھور فاتح نيپولين بونا پارٽ هتي قبضو ڪيو. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو، اسپين ۾ فوجي انقلاب آندو تہ 1938ع تائين هن شھر تي زبردست بمباري ٿيندي رهي، جنهنڪري هزارين ماڻهو مري ويا. 1992ع ۾ بارسلونا اولمپڪ رانديون هتي ڪرايون ويون. هيءُ شھر فن، موسيقي، ثقافت ۽ حسن سبب سڄي اسپين ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. خوبصورتيءَ جي لحاظ کان پورو بارسلونا صوبو سڄي يورپ ۾ مشھور آهي. هتي جو پڪاسو ميوزيم ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڳرين مشينن، آٽو موبائيل، دوائن، ريشمي ۽ اوني ڪپڙي جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ڪيل آهن. بارسلونا جي پراڻي حصي ۾ رومي ۽ اسلامي طرز تعمير جا ڪئين نمونا موجود آهن.


لفظ بارسلوناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو