هڪ بادشاهه پنهنجي درٻار ۾

هڪ بادشاهه پنهنجي درٻار ۾

بارگاھہ

بارگاھہ: قديم دؤر ۾ ايران ۽ روم جي حڪومتن ۾ ”درٻار“ کي ”بارگاھہ“ چيو ويندو هو. يعني اُها جاءِ جتي حاڪم ويهي پنهنجن وزيرن سان صلاح مصلحت ڪري، حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ حُڪم جاري ڪري، عام ماڻهن ۽ فريادين جا فرياد ۽ عرضدارن جا عرض ٻُڌي، نہ رڳو پنھنجي رعيت جي سارسنڀال لهي، پر ٻاهران آيل سفيرن ۽ سوداگرن سان ملاقات ڪري. پوءِ اها جاءِ بادشاھہ جو محلات بہ ٿي سگهي ٿو تہ علحده ايوان بہ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حاڪم اُنهي مقصد لاءِ تنبن ۽ شاميانن ۾ ويهي تہ اها بہ بارگاھہ چئبي. عربن وٽ اڳ ۾ ئي بارگاھہ جو متبادل ”صُفه“ هو، جنهن کي ڪائونسل ۽ درٻار وغيرہ جي حيثيت حاصل هئي، انهيءَ حوالي سان عربستان جا”اَهل صفه“ مشھور آهن، جيڪي قومن ۽ قبيلن جا فيصلا ڪندا هئا ۽ راڄوڻي معاملن ۾ ڇيڙي نبيري ڪندا هُئا. اڳتي هلي خلفاءِ راشدين جي دؤر کان پوءِ امير معاويه اسلامي بارگاھہ قائم ڪئي. بارگاھہ ۾ باريابيءَ (داخلا) لاءِ ڪي شرط طئي هُئا، جيئن بارگاھہ ۾ فقط اُهو داخل ٿي سگهندو، جنهن کي طلب ڪيو ويندو هو. هر عام و خاص کي بنا اجازت ۽ بنا طلب جي وَڃڻ جي اجازت نہ هُوندي هُئي. بارگاھہ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ بہ بنا اجازت جي هليو وڃڻ قابلِ سزا جُرم هوندو هو. حاڪم جيستائين بارگاھہ ۾ ويٺو هوندو، سڀني کي ويهڻو پوندو. آهستي آهستي بارگاھہ جو لفظ خاص تعاليٰ جي حضور ۽ درٻار لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جيڪو ادب خاطر ”بارگاھہ اِلاهي“ اُچارجڻ لڳو ۽ اِهوئي اصطلاح اڄ ڪلھہ دُعائن ۽ مناجات ۾ استعمال ٿيندو آهي. بارگاھہ اِلاهيءَ وانگر ”بارگاھہ رسالت“ بہ دعائن ۾ استعمال ٿيندو آهي .


لفظ بارگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو