بازهر

بازهر

بازهر

بازهر (Bezoar ):هڪ قسم جو قيمتي پٿر، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو هر قسم جي زهر لاءِ ترياق ٿئي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ هن پٿر کي ”پازهر“ بہ چون ٿا. مشھور ڪيميادان ووهلر (1800ع کان 1882ع) ۽ ٻين سائنسدانن جي تحقيق موجب، هي پٿر، بازهر نالي ٻڪر جي پتي مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. اهڙي پٿر جو بيان سڀ کان پهرين ارسطو پنھنجي ڪتابن ۾ ڪيو هو. ارسطو تہ بازهر جا مختلف رنگ بہ بيان ڪيا هئا. ساڳئي وقت اهو بہ ٻڌايو هو تہ چين، هندستان ۽ ڪجهہ ٻين اوڀر وارن ملڪن ۾ بہ هي پٿر ملي ٿو. مشھور مسلمان سائنسدان بن حيان'>جابر بن حيان بازهر کي ”ترياق“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. هن اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ هن پٿر مان ٻيون بہ ڪيتريون ئي دوائون تيار ڪري سگهجن ٿيون. ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي ڪهڙي بہ زهر جو اثر ٿيندو هجي تہ ان کي هي پٿر کارائجي. هي پٿر کائڻ کانپوءِ ان ماڻهو کي ترت گهڻو پگهر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. جنهنڪري زهر جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. ”زهر مهره“ نالي پٿر ۾ بہ بازهر جهڙيون خوبيون چيون وڃن ٿيون.


لفظ بازهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو