بازيگر (Bazigar) (ٻولي ):هن ٻوليءَ جا هندوستان توڙي پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ رهن ٿا. 1981ع جي رپورٽ موجب هندستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 58236 هو. هي ٻولي هندوستان جي هرياڻا، چندي ڳڙھہ، دهلي، گجرات، هماچل پرديش ۽ پنجاب ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن ۾ پاڪستان جي ڪشمير واري حصي ۾ هن جي ڳالهائڻ وارا موجود آهن. جيڪي گهڻو ڪري بازيگريءَ جو ڌنڌو ڪن.
هي ٻولي دراوڙي آڪھہ جي ٻولين مان آهي. بازيگر ذات آهي. هي گهڻو ڪري بازيگريءَ جو ڪم ڪن. اهي پنجابي ۽ هندي ڳالهائين. تعليم ۾ هڪ سيڪڙي کان گهٽ آهن.