
باسٽل
باسٽل (Bastille ):وچولي زماني ۾ فرانس جو مشھور تاريخي قلعو، جيڪو پيرس شھر ۾ قائم هو. هي قلعو فرانس جي بادشاھہ چارلس پنجين چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٺهرايو هو. هن قلعي جي اڏاوت جو مقصد انگريزن جي حملي کان بچاءُ ڪرڻ هو. اڳتي هلي قلعي کي جيل خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ هتي ڪيترا سياسي قيدي بند ڪيا ويا هئا. فرانس جي تاريخ ساز انقلاب دوران مڇريل ماڻهن، هن قلعي تي حملو ڪري نہ رڳو قلعي کي نقصان پھچايو ۽ هزارين قيدي بہ آزاد ڪرائي ورتا. ان کانپوءِ قلعي کي باھہ ڏني ويئي. بعد ۾ فرانس جي انقلابي حڪومت هن قلعي کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو.