باعد پير (قبرستان): پني عاقل تعلقي جا ڪيئي قبرستان مشھور آهن، جن مان پير باعد جو قبرستان بہ آهي، جيڪو اٽڪل 85 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ چيو وڃي ٿو تہ سنڌ ۾ مڪليءَ کان پوءِ قدامت ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو قبرستان آهي. اتي ڪيترن بزرگن، جھڙوڪ: شيخ الله، پير احمد بناري، بگو شير ۽ پير باعد جا پراڻا روضا آهن. ان کان سواءِ هتي ميان عابد جهڙي عارف جي مزار، انڍڙ قبيلي جي مشھور سلطانن جون مزارون، ڪامڻ پير کانسواءِ ستين جو آستان بہ آهي. هتان جي ڪجهہ مزارن جون سرون ملتان جي پراڻي شھر ۾ ڪم آيل سرن جهڙيون آهن. روايت آهي تہ پير باعد بزرگ حضرت قلندر شھباز ۽ جلال سرخ بخاريءَ جو همعصر هو، هتي هڪ قديم اوڏڪي مسجد بہ ٺهيل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ حضرت شاھہ عبداللطيف، لوءِ صاحبان جي سفر دوران هتي ترسيو هو. هن قبرستان جي ويجهو لال پير ۽ مخدوم صديق سيهڙ جا قبرستان بہ آهن. باعد پير جي ڀرسان قديم راوڙي سڙڪ ۽ هاڪڙي درياھہ جي ڀيٽ جا نشان اڄ بہ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڍنڍ جي صورت ۾ پاڻي اڄ بہ موجود آهي ۽ پتڻ يا بندر جا نشان ۽ ڏاڪا بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.