باغبانُ: سترهين صدي عيسويءَ ۾ سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ آيل پرڳڻو. تعلقي دادوءَ ۾ هڪ آڳاٽو ڦٽل تاريخي شهر، جتي مخدوم بلاول رحه جو مقبرو آهي. آڳاٽي وقت ۾ باغبان پرڳڻي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا: هڪڙو ٽڳڙ ۽ ٻيو باغبان. ٻئي ڳوٺ گڏ ”ٽڳڙ باغبان“ سڏبا هئا، حالانڪ ٻئي ڳوٺ هڪٻئي کان پري هئا. ٽڳڙ ميهڙ تعلقي ۾ آهي ۽ باغبان ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ کان ڇهه ميل پري اتر اولهه طرف آهن.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ باغبان پرڳڻي ۾ مَلڪ، پنهور، ابڙا، دَل، کيبر، اوٺا، لاکيا، راڄپر ۽ سميجن مان ٽي قبيلا جوڻيجا، پريا ۽ ٻگهيا پرامن شهري سڏبا هئا. اُهي ڪنڌڪوٽ، ڇني ۽ ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سميجن جو چوٿون قبيلو هو ٿيٻا، جيڪي ارڏا هوندا هئا. مٿن شاهه بيگ ارغون گهڻو ڏاڍ ڪيو هو. امن پسند خواجا به پرڳڻي ۾ رهندا هئا. ’باغبان‘ وارو علائقو سيوهڻ کان اتر طرف آهي. ’ڳاها‘ نالي ٻي جُوءِ، سيوهڻ کان ايڪيهه ميل اتر اولهه طرف هئي. تاريخن ۾ ’ڳاهن‘ کي ’ڪاهان‘ ڪري لکيو ويو آهي. سر هينري اليٽ جو چوڻ آهي ته ’ڪاهان‘ جي علائقي واري جوءِ، ”مري“ قبيلي جي قبضي هيٺ ايراضيءَ ۾ موجود آهي. سال 1840ع ۾ بمبئي ريجمنٽ جي اتي رهڻ وقت اهو تجربو ٿيو ته اهو علائقو بچاءَ جي نقطهءِ نگاهه کان اهم هو. باغبان ۽ ڳاها ٻئي آئين اڪبريءَ موجب سيوهڻ سرڪار جا محال (تعلقا) هوندا هئا. باغبان ڳوٺ جي ڀرسان ئي مخدوم بلاول جو مقبرو آهي. 1522ع ۾ باغبان جي رهاڪن مخدوم بلاول جي چوڻ تي شاهه بيگ ارغون جو مقابلو ڪيو. انهيءَ ڪري شاهه بيگ (ارغون) مخدوم بلاول رحه کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو هو. گهاڻي ۾ پيڙجڻ کان پوءِ کيس هتي ئي دفن ڪيو ويو، اُتي هر ماهه پهرئين جمعي جي رات ميلو لڳندو آهي. دادوءَ کان لاڙڪاڻي ڏانهن سفر ڪندي، جيڪا پهرين اسٽيشن اچي ٿي، سا به ”مخدوم بلال هالٽ“ سڏجي ٿي.
1700.00.00 عيسوي
باغبانُ: سترهين صدي عيسويءَ ۾ سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ آيل پرڳڻو باغبانُ. تعلقي دادوءَ ۾ هڪ آڳاٽو ڦٽل تاريخي شهر ، جتي مخدوم بلاول رحه جو مقبرو آهي . آڳاٽي وقت ۾ باغبان پرڳڻي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا: هڪڙو ٽڳڙ ۽ ٻيو باغبان . ٻئي ڳوٺ گڏ ” ٽڳڙ باغبان “ سڏبا هئا
1522.00.00 عيسوي
1522ع ۾ باغبان جي رهاڪن مخدوم بلاول جي چوڻ تي شاهه بيگ ارغون جو مقابلو ڪيو . انهيءَ ڪري شاهه بيگ ( ارغون ) مخدوم بلاول رحه کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو هو .