
1607ع ۾ هڪ انگريز باغبان جي تصوير، وڪي پيڊيا

سنڌ ۾ انبن جو باغ
باغباني: باغبانيءَ مان مراد ميون، ڀاڄين ۽ گلن ڦلن وارا ٻوٽا پوکڻ آهي. هيءُ فن نهايت پراڻو آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ مختلف ميون ۽ ٻوٽن جو ذڪر هزارين سال اڳ ۾ بہ هو. اڄ کان تقريباً چار هزار سال اڳ ڏاڙهون، بادام وغيرہ پوکبا هئا. سڪندراعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلن جا ٻوٽا ملن ٿا. موجودہ دور ۾ هيءُ فن صنعت جي حيثيت سان رائج ٿي چڪو آهي. هاڻي باغ معاشي ضرورت جي خيال سان لڳايو وڃي ٿو. باغ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
(1) باغ جي لاءِ موزون آبهوا ۽ زمين موجود هجي. (2) باغ مارڪيٽ جي ويجهو هجي. (3) شھر يا مارڪيٽ گهڻو پري هجي تہ باغ پڪي ۽ سٺي روڊ تي هجي. (4) باغ واريءَ زمين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي ليول گهڻي هيٺ هجي. (5) باغ جي پيچ لاءِ پاڻي گهڻي انداز ۾ موجود هجي. (6) تجارتي پيماني تي باغ لڳائڻ لاءِ مزور آسانيءَ سان ملي سگهن.
سنڌ جي ميداني علائقي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪوٽڙي بئراج ۽ نوابشاھہ جا ضلعا آبهوا جي لحاظ کان ميويدار علائقا آهن، هونئن سڄيءَ سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلا پوکي سگهجن ٿا.