باغي

باغي (فلم ):حبيب فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم 3 اپريل 1992ع تي رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي لکندڙ محمد بخش چانگ، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار حبيب ۽ موسيقي ترتيب ڏيندڙ وزير علي هو. هن فلم ۾ سونيا، بابر، حنا شاهين، جهانزيب، طالش، همايون قريشي، غلام محي الدين، سلطان راهي ۽ حبيب اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم هنن سئنيمائن ۾ رليز ڪئي وئي: ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻو، شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم، شھباز سئنيما ٽنڊوالهيار، ريڪس سئنيما ٽنڊو محمد خان، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، ڪاڪ محل سئنيما مورو، پي. ايف سئنيما بدين، شمس سئنيما نوشهروفيروز، مغل سئنيما هالا، نشاط سئنيما نوابشاھہ ۽ نيشنل سئنيما ٺٽو وغيرہ شامل آهن. هيءَ سنڌي سماج جي مزاج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي عڪاسي ڪندڙ بھترين فلم هئي، جيڪا گهڻو مشھور ٿي.


لفظ باغيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو