1819.00.00 عيسوي
باغ جو پتڻ: بدين ضلعي ۾ هڪ قديم شهر ۽ پتڻ جو نالو . پراڻ درياهه جي ڪناري تي باغ جي پتڻ ( ٻنگار شهر ) جا کنڊر موجود آهن . باغ جو پتڻ ، پراڻ جي الهندي طرف هو ۽ مشهور واپاري بندر هو . 1819ع واري زلزلي کان پوءِ جڏهن درياهه پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي علائقو ويران ٿي ويو .