باغ علي شاھہ: هيءُ شاھہ صاحب، سيد ڏنل شاھہ ڀِڪ واري (تعلقي شڪارپور) جو طالب هو، جيڪو وري شاھہ نصيرالدين نقشبندي نوشهري فيروز واري جو طالب هو. باغ علي شاھہ سلوڪ وارو فقير هو. سندس ڪي ڪافيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن.