جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جو نقشو

جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جو نقشو

باغ محمد بيشڪ جوکيو

باغ محمد ’بيشڪ‘ جوکيو: ناميارو سگهڙ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن (ضلعي ٺٽي) کان اتر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشھور تاريخي ڳوٺ ”مالماڙيءَ“ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو نالو سکيو خان ۽ ڏاڏي جو نالو جان محمد هو. ذات جو جوکيو ۽ پاڙي جي لحاظ کان کان ڪليپوٽا جانواڻي آهي. ناميارو سگهڙ ۽ شاعر سونهارو فقير جوکيو، باغ محمد جو چاچو هو.
باغ محمد ’بيشڪ‘ معمولي پڙهيل لکيل انسان هو. صرف ابتدائي ٽي درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاتيءَ (ٺٽي) ۾ پڙهيو، جتي پنھنجي مامي وسند خان مرحوم وٽ، جيڪو ان وقت (برٽش دؤر ۾) پوليس کاتي ۾ ملازم هو، رهندو هو. ديني تعليم جنگشاهيءَ جي ديني مڪتب ۾ پڙهيو، جتي سندس استاد حاجي دلمراد جوکيو هو. علائقي جو نيڪ مرد رئيس وليداد خان سندس هم مڪتب هو. 20 سالن جي عمر ۾ باغ محمد کي جاتيءَ ۾ ڪنهن نازنين سان نينھن لڳو. انهيءَ مستيءَ واري ڪيفيت ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ مجاز جون حدون ٽپي حقيقت جي منزل تي پهتو. باغ محمد اتڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404ھہ تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ سندن آبائي قبرستان، جنگشاهي پير، لڳ جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.00.00  عيسوي

باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي . جنگشاهي ريلوي اسٽيشن ( ضلعي ٺٽي ) کان اتر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشهور تاريخي ڳوٺ ” مالماڙيءَ “ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو


1984.02.26  عيسوي

باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي اٽڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404هه تي وفات ڪئي .


1404.05.27  هجري

باغ محمد بيشڪ جوکيو: ناميارو سگهڙ ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي اٽڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404هه تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امو کٽي
رسول بخش خان ڀٽو
قمرالنساء جوکيو
درازي راضي سائين
ابوالحسن مسعودي
پئٿاگورس
مير فتح علي خان ٽالپر
اياز خليل چنجڻي
عشرت العباد
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون