
بالاحصار قلعو
بالاحصار قلعو: پشاور جو قديم جنگي قلعو. بالاحصار جي قلعي جو شمار پاڪستان جي تاريخي ۽ قديم عمارتن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ قلعي جو نالو افغان بادشاھہ ”تيمور شاھہ دُراني“ سال 1793ع ۾ رکيو. سکن جڏهن پشاور تي سوڀ ماڻي، تہ سال 1834ع ۾ ان جو نالو ’سامر ڳڙھہ‘ پئجي ويو، پر اهو نالو گهڻي دير تائين هلي نہ سگهيو. هيءُ قلعو پشاور جي اتر- اولھہ ۾ جوڙايو ويو هو، هاڻي آباديءَ جي وڌڻ ڪري شھر سان گڏجي ويو آهي ۽ ان جو ئي حصو معلوم ٿئي ٿو. قلعي جي جُڙڻ ۽ جوڙيندڙ جي باري ۾، تاريخ ۾ ڪوبه پتو نٿو پوي. پر عام خيال اهو آهي، تہ اهو قلعو مغل بادشاه اڪبر ٺهرايو. سال 630ع ۾ ٻڌ ڌرم جي مذهبي زيارتن لاءِ آيل چيني سياح ”هيون سانگ“ پڻ انهيءَ قلعي کي فوجي آماجگاھہ طور لکيو آهي.
بالاحصار هڪ تمام وڏي ٽڪريءَ نما مٽيءَ جي دڙي تي ٺهيل آهي. همايون بادشاھہ جي جلاوطنيءَ کان پوءِ، افغانين انهيءَ قلعي کي وڏو نقصان رسايو، پر ڪابل ويندي همايون بادشاھہ قلعي کي ٻيهر اڏائي اتي قيام ڪيو هو. نادرشاھہ جڏهن هندستان تي ڪاھہ ڪئي، تہ خيبر پاس وٽان ئي ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿي، پشاور فتح ڪري، بالاحصار تي قبضو ڪيائين. سال 1834ع ۾، سکن پنجاب کان پوءِ پشاور تي قبضو ڪري بالاحصار ۾ سِک فوج کي رهايو. جڏهن تہ 1930ع ۾ آفريدي پٺاڻن بالاحصار تي قبضو ڪيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ بالاحصار تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ويو.
1793.00.00 عيسوي
بالاحصار قلعو: پشاور جو قديم جنگي قلعو . بالاحصار جي قلعي جو شمار پاڪستان جي تاريخي ۽ قديم عمارتن ۾ ڪيو وڃي ٿو . انهيءَ قلعي جو نالو افغان بادشاهه ” تيمور شاهه دُراني “ سال 1793ع ۾ رکيو
1834.00.00 عيسوي
بالاحصار قلعو: پشاور جو قديم جنگي قلعو . بالاحصار جي قلعي جو شمار پاڪستان جي تاريخي ۽ قديم عمارتن ۾ ڪيو وڃي ٿو سکن جڏهن پشاور تي سوڀ ماڻي ، ته سال 1834ع ۾ ان جو نالو ’ سامر ڳڙهه ‘ پئجي ويو