بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا

بالوءَ جا قبا: ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل بلاول زرداريءَ جي وفات 800ھہ ۾ ٿي، جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو. الوءَ جو مقام، ديھه 23 داد، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھہ (ھاڻي بينظيرآباد) جي، حاجي مٺي خان زرداري ڳوٺ کان اٽڪل 2 ڪلو ميٽر اولھہ ۾ آھي. جڏهن تہ زوار ڪوڙي جو ڳوٺ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾، ٻانڌي- نواب شاھہ روڊ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ۽ نواب شاھہ شھر اٽڪل 12 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 260 1’94” ڊگرين ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 68021’5’ ڊگرين تي واقع آھي. بالوءَ جو مقبرو ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ 6.60x6.60 ۽ اوچائيءَ ۾ 13 ميٽر آھي. ان جي اڏاوت ۾ چيرولي، پڪيون سرون، سيمنٽ، گارو ۽ شيشو وغيرہ استعمال ٿيل آھي. مقبرو چورس رٿيل آھي. لنگهہ اوڀر طرف وڌاوڙي نموني ونگيل در (corbel arched) سان آھي، دروازو ڪاٺ جو لڳل آھي. وڏو کڻ ونگو (Recessed Arched) پانيل ۽ اندر تي ھڪ مستطيل پانيل لنگهہ وٽ ٺھيل آھي. مھاڙيءَ کان سواءِ ٽن پاسن تي 15 عدد مستطيل پانيل ٽن قطارن ۾ ٺھيل آھن. ڪنڊن وٽ ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. مھاڙيءَ ۾ ڪنگرن کان سواءِ چار برجيون ٺھيل آھن، جن کي وري چار دريون (opening) ڏنل آھن. اٺڪنڊي ڳچ (Drum) کي چار روشندان ۽ اٺ برجيون ۽ ھر پاسي سيمنٽ جون ڄاريون لڳل آھن. ڳچ جي مٿان اڌگول گنبذ ۽ ان جي مٿان ڪاشيءَ جو ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ جي ٻاھران شيشي جو ڪم ٿيل آھي. گنبذ جو نمونو ھوسانگ جي مقبري جهڙو آھي، جيڪو منڊو (Mandu) ۾ سال 1440ع ۾ ٺاھيو ويو ھو. مقبرو پانيلن سان ھر پاسي سينگاريل آھي. ڇتين تي ٽي عدد مستطيل پانيل بہ ٺھيل آھن. مٿي ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙ (Squinch) ٺھيل آھن، جيڪي مقبري کي اٺڪنڊو گچ ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اندران مقبرو ڳچ سان پلستر ٿيل آھي. حجري ۾ ٻہ قبرون ماربل جون ٺھيل آھن. بلاول زرداريءَ جي قبر تي ڪتبو لڳل آھي. هيءُ ڪلھوڙن جو جنگي جرنيل ۽ سفارتڪار ھو. مقبري جي سنڀال ھئڻ ڪري تمام سٺي حالت ۾ آھي. حڪومت 89-1988ع ۾ ھتي ڪجهہ مرامت جو ڪم بہ ڪرايو آھي. هن بزرگ جي نالي سان ’بلاول انسٽيٽيوٽ‘ قائم ٿيل آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.


لفظ بالوءَ جا قباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0800.00.00  هجري

ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل بلاول زرداريءَ جي وفات 800هه ۾ ٿي ، جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو



قبرستان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ رخ مرزا جي قبر
چبوتري واريون قبرون
پليجن جو قبرستان
شاهن شاھہ جو مقام
ڊڀري جو مُقامُ
شيخ لاکو قبرستان
پير اسماعيل مقام
ربابي ڍورو
غلام محمد خان ٽالپر جي قبر
دائوءَ جا قبا
قبرستان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون