بال ٺاڪري

بال ٺاڪري

بال ٺاڪري

بال ٺاڪري: بال ٺاڪري هندستان جي رياست مهاراشٽر جو با اثر ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، بال ٺاڪري ابتدا ۾ ڪارٽون ٺاهيندو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي سياستدان بڻيو. هن 30 سال اڳ هندو انتهاپسند تنظيم ’شِوسينا‘ قائم ڪئي. 93- 1992ع جي مذهبي فسادن کانپوءِ هن تي وڏي تنقيد ٿي ۽ مٿس اهي فساد ڪرائڻ جو الزام هنيو ويو. هي شِوسينا، اقليتن ۽ خاص ڪري مسلمانن کي نشانو بڻائڻ مذهبي ۽ نسلي مت ڀيد وڌائڻ جي الزامن جي ڪري مشھور آهي. بال ٺاڪري 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئيءَ جي هڪ اخبار لاءِ سياسي ڪارٽونسٽ طور پنھنجي عملي زندگيءَ جو سفر شروع ڪيو. 1966ع ۾ هن مهاراشٽر جي مقامي رهواسين جي حقن جي حاصلات لاءِ شوسينا قائم ڪئي. هن پارٽيءَ بمبئيءَ ۾ ڏکڻ هندستانين کي نشانو بڻايو ۽ تشدد ڀري مھم هلائي، ساڳئي نموني گجراتي ۽ مسلمان برادرين کي پڻ نشانو بڻايو ويو. بال ٺاڪري جي پارٽيءَ جا ميمبر هن سان جنون جي حد تائين عقيدت رکندا آهن. توڙي جو هو پاڻ ڪڏهن بہ چونڊ ۾ ناهي بيٺو، پر پارٽيءَ جي منظم نيٽ ورڪ ذريعي سندس هر حڪم تي عمل ٿيندو آهي. ڪجهہ عرصو اڳ شوسينا جي ڪارڪن عورتن تڪراري فلم ”فائر“ خلاف سئنيمائن تي حملا ڪيا ۽ سندن مالڪن کي اها فلم نہ هلائڻ تي مجبور ڪيو. شيوسينا بالي ووڊ جي مسلمان اداڪار يوسف عرف دليپ ڪمار کي بہ نشانو بڻايو، ڇو تہ کيس پاڪستان جو اعليٰ ترين شھري اوارڊ ڏنو ويو هو. جڏهن هندو انتهاپسندن، ايوڌيا ۾ سورهين صديءَ جي بابري مسجد کي غير قانوني طور شھيد ڪيو، ان کان پوءِ شروع ٿيندڙ گروهي فسادن جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميٽيءَ بال ٺاڪري بابت اها رپورٽ ڏني تہ هن بمبئيءَ ۾ مسلمانن خلاف فساد شروع ڪرايو، جنهن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. بال ٺاڪري، پاڪستان جو عوام ان جي شخصيت کي نفرت جي نگاھہ سان ڏسندو آهي. هن ماضيءَ ۾ پاڪستاني فنڪارن توڙي رانديگرن کي ڌمڪيون بہ ڏنيون تہ هو ڀارت جي سر زمين تي نہ اچن. بال ٺاڪري انتهاپسنديءَ ۾ مشھور آهي. هن سان مشابهت رکندڙ ڪهاڻيءَ تي ڀارتي فلمساز رام گوپال ورما هڪ فلم ’سرڪار‘ ٺاهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار اميتاڀ بچن ادا ڪيو. فلم ۾ سندس نالو ٺاڪري بجاءِ ’ناگري‘ رکيو ويو. سندس پوٽي نيها ٺاڪري ڪجهہ عرصو اڳ هڪ مسلمان ڇوڪري محمد نبي سان شادي ڪئي آهي. نوٽ : هن 17 نومبر 2012 تي وفات ڪئي.


لفظ بال ٺاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو