بانبڙي جو دڙو: هي آثار تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ”رڪ“ ڳوٺ جي ويجهو آهن. ماڙيءَ شھر جي ڦٽڻ کانپوءِ ان جي ويجهوئي واڻين جي لڏي اچڻ ڪري هڪڙو نئون شھر ”بانبڙو“ آباد ٿيو. ”بانبڙو“ لڏي آيل واڻين جي چڱي مڙس جو نالو هو. انهيءَ وقت ۾ سنڌو درياھہ جو وهڪرو ’بانبڙي‘ جي ڀرسان ئي هوندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن اهو شھر بہ درياءُ جي پائڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويٺو ۽ اڄ ’بانبڙي جو دڙو‘ سڏجي ٿو. ’بانبڙو‘ لفظ ممڪن آهي ”باڀڙو“ جو ڦريل اُچار هجي، جيئن پهاڪو آهي تہ ”هڪ ڍؤ جهلي مينهن، ٻيو باڀڙو“. هالا شھر ۾ ”باڀڙا“ بازار آهي، جتي رهندڙ ”باڀڙا“ جين ڌرم جا واسطيدار آهن. اتي اڄ اهڙا آثار موجود آهن.