
بانو قدسيه

بانو قدسيه

بانو قدسيه جو ڪتاب راجا گدهه

بانو قدسيه جو ڪتاب ايڪ دن
بانو قدسيه: اردو زبان جي نامور ناول نويس ۽ ڊرامه نگار بانو قدسيه جو اصل نالو قدسيه بانو قدسيه آهي. هيءَ 28 نومبر 1928ع تي فيروزپور ۾ پيدا ٿي. 1950ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) جي ڊگري ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مشھور افسانہ نگار ۽ ڊرامه نويس اشفاق احمد سان شادي ڪيائين. هن پنھنجي مڙس سان گڏجي هڪ ادبي رسالو ”داستان“ بہ جاري ڪيو. هن ريڊئي ۽ ٽيليويزن لاءِ ڊراما لکيا. هندستان ۽ پاڪستان جي ادبي رسالن ۾ سندس افسانا ڇپجي چڪا آهن. هن جون ڪجهہ تصنيفون هن طرح آهن: ناول: ’ايڪ دن‘، ’پروا‘، ’شھر بي مثال‘، موم ڪي گليان‘ ’چهار چمن‘، ’راجا گدھہ‘، ”حيرت ڪدہ“، افسانن جا مجموعا: ’ناقابل ذڪر‘، ’باز گشت‘، ’امر بيل‘، ’ڪڇ اور نهين‘، ’آتشِ زير پا‘، ڊراما: ’آڌي بات‘، ’دوسرا قدم‘، ’حوا ڪي نام‘ ۽ ’تماثيل‘. هن قدرت ﷲ شھاب جي باري ۾ هڪ تاثراتي ڪتاب ’بردا بريشم‘ جي نالي سان پڻ لکيو آهي. هن جي شھرت جو سبب سندس ناول ”راجا گدھہ“ بڻيو.
1928.11.28 عيسوي
بانو قدسيه: اردو زبان جي نامور ناول نويس ۽ ڊرامه نگار بانو قدسيه جو اصل نالو قدسيه بانو قدسيه آهي . هيءَ 28 نومبر 1928ع تي فيروزپور ۾ پيدا ٿي
2017.02.17 عيسوي
اردو زبان جي نامور ناول نويس ۽ ڊرامه نگار بانو قدسيه 17 فيبروري 2017ع تي وفات ڪئي