بانو محبوب جوکيو

بانو محبوب جوکيو

بانو محبوب

بانو محبوب: شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي. سندس اصل نالو غلام بتول آهي. هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1994ع ۾ ايم. اي سنڌي ۽ M.Sc اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي آهي. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين. سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’سرتيون‘ رسالي کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي. گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ به کڻي چڪي آهي.


لفظ بانو محبوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.09.25  عيسوي

بانو محبوب: شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو ، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي . سندس اصل نالو غلام بتول آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺملاڻي رام
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
سيد صادق علي شاهه
رمضان جت
آچر پاڪستاني
خوبسنگهه ديوان
ڀريو ويرداس
چٺا حامد ناصر
آغا صوفي
رام سنگهه سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون