بانو محبوب جوکيو

بانو محبوب جوکيو

بانو محبوب

بانو محبوب: شاعرہ ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي. سندس اصل نالو غلام بتول آهي. هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1994ع ۾ ايم. اي سنڌي ۽ M.Sc اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشھور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي آهي. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعرہ ۽ افسانہ نگار طور متعارف ڪرايائين. سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’سرتيون‘ رسالي کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ بہ ڇپجندو رهيو آهي. گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ بہ کڻي چڪي آهي.


لفظ بانو محبوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.09.25  عيسوي

بانو محبوب: شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو ، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي . سندس اصل نالو غلام بتول آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي نواز استاد
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
الطاف قادري
عثمان صديقي مخدوم
غزالا بتول
بقراط
امام بخش شاھہ فدوي
سلمان تاثير
ثناءَ ﷲ قادري
ابراهيم جويو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون