هڪ بانڪڙو يا بينچ
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ استعمال ٿيندڙ بينچ جو قسم
بانڪِڙو: ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ، جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به ٿئي. هن قسم جون بينچون عام طرح ٻهراڙين ۾ دڪانن ۽ هوٽلن تي گراهڪن جي ويهڻ لاءِ رکيل هونديون آهن. ’بانڪڙي‘ مان ئي ”ٻاڪڙا هوٽل“ جو اصطلاح ٺهيو آهي.