نقشي ۾ باڊهه شهر تير جي نشان سان ڏيکاريل آهي

نقشي ۾ باڊهه شهر تير جي نشان سان ڏيکاريل آهي

باڊھہ

باڊھہ: لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جو مشھور شھر، ڪوٽڙيءَ کان ڪوئيٽا ويندڙ ريلوي لائين تي هڪ اسٽيشن، واپار جي منڊي، خاص ڪري چانورن جي خريداريءَ جو مشھور مرڪز آهي. هتي هر سال شعبان جي مھيني ۾ پير تقي شاھہ جيلانيءَ جو ميلو لڳندو آهي، جنھنڪري شھر جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو آهي. باڊھہ شھر لاڙڪاڻي، قمبر- شھدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن جي ٽن تعلقن ڏوڪريءَ، ميھڙ ۽ وارھہ جي سرحد تي آهي، ان کانسواءِ هيءُ شھر لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي ميل واريءَ جاءِ تي پڻ آهي. ڪلهوڙن جي حاڪميت ۾ باڊھہ کي سرڪاري منزل گاھہ جي حيثيت حاصل هئي. مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ موجب ميان گاجيءَ جو مرڪز پڻ باڊھہ جو شھر هو. ان وقت باڊھہ شھر ماڻهن جي نقل و حرڪت ۽ اچ وڃ جو خاص ذريعو هو. ھيءُ شھر ھن وقت 14 وارڊن تي ورھايل لاڙڪاڻي، ضلعي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھن شھر ۾ ادبي ۽ سماجي تنظيمون: سِگا ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪم ڪري رھيون آھن. ان کانسواءِ ’شان ڏھر لائبرري‘ پڻ موجود آھي. ھن شھر ۾ گرلز ڪاليج، بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول، رورل ھيلٿ سينٽر، پريس ڪلب، پوليس ٿاڻو، ٽپال گهر ۽ ٻيا ادارا موجود آھن. شھر ۾ پاڻي، بجلي ۽ نڪاسيءَ جو نظام موجود آھي. شھر جي تاريخ تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ اياز قادريءَ مضمون لکيا آھن. ان کانسواءِ هن شھر بابت ليکڪ بيدار جعفريباڊھہ بوند بھار‘ نالي ڪتاب پڻ لکيو آهي. سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران پرائمري اسڪول (1) جي سؤساله جشن جي موقعي تي خاص سووينئر ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنھن ۾ شھر جي تاريخ ۽ باڊھہ جي شاعرن، اديبن جو تعارف ۽ تفصيل شايع ڪيا ويا. شھر جي مشھور شاعرن، اديبن، سياستدانن ۽ تعليمدانن ۾: شيرل بيوس باڊاھي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ذوالفقار ناصر ساريو، پنھل ساريو، اصغر سنڌي، عادل عباسي، بيدار جعفري، واحد ڪانڌڙو، سارنگ امر، شھيد شان ڏھر (صحافي)، ذلفي ميراڻي، اثر امام، واحد پارس ھيسباڻي، ڊاڪٽر واحد سولنگي، امتياز دانش، غلام محمد ڀٽي، اقبال کوکر، راز سروري، ارباب علي ’غمزده‘، ڊاڪٽر برڪت نوناري، ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو ۽ ٻيا شامل آھن. ھن وقت شھر جي آبادي ٽن لکن کان مٿي آھي.


لفظ باڊھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو