باک

باکَ: هيءُ لفظ فجر جي مھل لاءِ ڪم ايندو آهي، جو ان مھل سج جا ڪرڻا اُهاءُ ڏيندا آهن ۽ ڪرڻن جو سهائو ٿيندو آهي. انهيءَ مھل کي ’باک‘ انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو ’باک‘ جي معنيٰ آهي پرھہ، اهڃاڻ، سج اُڀرڻ جو اُهاءُ، يعني اُهو اُهاءُ، سج اُڀرڻ جو اڳواٽ ڄڻ تہ اطلاع آهي يا اهڃاڻ آهي.
ڦُٽي باک، ڦاڪون ٿي ڦولار ۾(تاجل بيوس)
عموماً اصطلاح آهي ’باک ڦُٽڻ‘، معني‘ ڏينهن جي روشنيءَ جو ڦوٽهڙو، صبح صادق جو اُهاءُ، سج جي ڪرڻن جي پکيڙ وغيرہ. ان مھل کي ”پرھہ ڦٽيءَ“ بہ چوندا آهن.


لفظ باکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو