
باک پيرزادو
باک پيرزادو: مشھور ٽي.وي آرٽسٽ، ميزبان ۽ مصور باک پيرزادہ 31 مئي 1986ع تي ڪراچيءَ ۾، مشھور ليکڪ شاھہ محمد پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ويزوئل اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هوءَ عملي طور شوبز جي دنيا سان وابستہ ٿي ۽ مختلف ٽي. وي چئنلن: PTV (هوم ۽ نئشنل)، ڌرتي نيوز، ٽائيم نيوز ۽ ڪي. ٽي. اين تي ميزبان طور ڪم ڪيو آهي. ان کان علاوہ هڪ مصور طور هن يونيسيف ۽ USAID جي ريڊنگ پروگرام ۾ ڪيتريون ئي تصويرون پڻ ٺاهيون. سندس تعلق ٻلھڙيجيءَ جي مشھور علمي ادبي خاندان سان آهي. سماجي ڪارڪن ۽ اُتساھہ ڏيندڙ مقرر طور ڪيترن ئي T.V پروگرامن ۾ عورتن جي خودمختياري بابت پنھنجو مؤقف ڏيندي رهي آهي. هڪ ڊريس ڊزائنر جي حيثيت ۾ ڪپڙن جي هڪ برانڊ ’ساز‘ جي مالڪ پڻ آهي. سندس شادي مشھور ليکڪ امر پيرزادي سان ٿيل آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪجهہ اوارڊ بہ ملي چڪا آهن.
1986.05.31 عيسوي
مشھور ٽي.وي آرٽسٽ، ميزبان ۽ مصور باک پيرزاده جو جنم 31 مئي 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.