باڪسنگ راند جو هڪ منظر

باڪسنگ راند جو هڪ منظر

باڪسنگ راند جو هڪ منظر

باڪسنگ راند جو هڪ منظر

قديم آثارن مان هٿ آيل باڪسنگ جو هڪ چِٽُ، ذريعو وڪي پيڊيا

قديم آثارن مان هٿ آيل باڪسنگ جو هڪ چِٽُ، ذريعو وڪي پيڊيا

(مشهور هيوي ويٽ باڪسر محمد علي (وڪي پيڊيا

(مشهور هيوي ويٽ باڪسر محمد علي (وڪي پيڊيا

باڪسنگ

باڪسنگ: هيءَ هڪ راند آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ٺونشيبازي‘ چئجي ٿو. هن راند ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ايشيائي سطح ۽ سيف گيمز جي سطح تائين شاندار رهي آهي، باڪسنگ: هيءَ هڪ راند آهي جڏهن تہ 1986ع جي سيول اولمپڪ (ڪوريا) ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي ڪراچي شھر جي نوجوان باڪسر حسين شاھہ پهريون ڀيرو ڪَنجهي جو تمغو حاصل ڪري، پائنٽس ٽيبل تي اچڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو. پروفيسر ڊاڪٽر انور چوڌريءَ، ملڪ ۾ باڪسنگ جي راند کي سُٺي شھرت ڏني آهي. سنڌ ۾ باڪسنگ جي راند اڻويهين صديءَ کان هلندڙ آهي. سنڌ جي هر شھر ۾ باڪسنگ جي مقابلي جا مرڪز آهن، جن ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن جا مرڪز مشھور آهن. ڪراچيءَ جي لياري ۽ بغدادي ايراضيءَ ۾ رهندڙ خصوصاً مڪراني باڪسنگ جا شوقين آهن. پاڪستان کان گهڻو اڳ ڪراچي شھر ۾ باڪسنگ جون ڪلبون هيون، جن ۾ نوجوان رانديگر فن جو مظاهرو ڪندا هئا. پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ جي بِرٽي گومز نالي رانديگر سڄي هندستان ۾ باڪسنگ جي مقابلن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. هن 1928ع ۾ ڪلڪتي ۾ آل انڊيا باڪسنگ چئمپيئن شپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ڪراچيءَ جي هڪ ٻئي باڪسر ”بلئڪ جئڪ“ پڻ وڏي شھرت حاصل ڪئي هئي. سندس ئي همعصر سليمان عرف سِلُو بہ سٺو باڪسر هوندو هو. باڪسنگ جي دنيا ۾ عالمي سطح تي محمد علي ڪِلي، جَو فريز، جارج فورمئن، مائڪ ٽائسن ۽ راڪي مارڪيانو مقبول ترين رهيا. باڪسنگ راند جي شروعات تاريخ کان آڳاٽي وقت ۾ ڪنهن وقت شروع ٿي آهي. ان جو قديم ترين ثبوت سمير (عراق) جي پنج هزار سال پراڻن آثارن مان مليو آهي، جنهن ۾ ٻہ ”ٺونشيباز“ آمهون سامهون بيهي مقابلو ڪري رهيا آهن. مائنان (Minoan) تھذيب جي آثارن مان پڻ هڪ ديوار واري چترڪاريءَ ۾ ٻہ نوجوان ٺونشي بازي ڪندا نظر اچن ٿا جن جي هٿن ۾ گلوز بہ پاتل آهن. مائنان (Minoan) تھذيب اها تھذيب 1500-900 قبل مسيح جي آهي. ان راند غالبا قديم روم جي آکاڙن مان مقبوليت حاصل ڪئي. راند جا تمام گهڻا اصول ۽ ضابطا آهن ۽ مختلف جوڙن جا رانديگر پاڻ ۾ مقابلو ڪندا آهن. پڻ ڏسو وڪي پيديا فري انسائيڪلوپيڊيا باڪسنگ http://en.wikipedia.org/wiki/Boxing


لفظ باڪسنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.00.00  عيسوي

، باڪسنگ: هيءَ هڪ راند آهي جڏهن ته 1986ع جي سيول اولمپڪ ( ڪوريا ) ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي ڪراچي شهر جي نوجوان باڪسر حسين شاهه پهريون ڀيرو ڪَنجهي جو تمغو حاصل ڪري ، پائنٽس ٽيبل تي اچڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو . پروفيسر ڊاڪٽر انور چوڌريءَ ، ملڪ ۾ باڪسنگ جي راند کي سُٺي شهرت ڏني آهي


1800.00.00  عيسوي

سنڌ ۾ باڪسنگ جي راند اڻويهين صديءَ کان هلندڙ آهي . سنڌ جي هر شهر ۾ باڪسنگ جي مقابلي جا مرڪز آهن ، جن ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن جا مرڪز مشهور آهن


1928.00.00  عيسوي

پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ جي بِرٽي گومز نالي رانديگر سڄي هندستان ۾ باڪسنگ جي مقابلن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو . هن 1928ع ۾ ڪلڪتي ۾ آل انڊيا باڪسنگ چئمپيئن شپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو


0900.00.00  قبلِ مسيح

باڪسنگ، مائنان ( Minoan ) تهذيب اها تهذيب 1500-900 قبل مسيح جي آهي ، تهذيب جي آثارن مان پڻ هڪ ديوار واري چترڪاريءَ ۾ ٻه نوجوان ٺونشي بازي ڪندا نظر اچن ٿا



راند - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏينڀن کي هوائي جھاز بنائڻ
ٻلهڻ (ملھہ)
آڱرين جو اٺ هلائڻ
پڃريون کڻڻ
آپڻان گليلا راند
راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو ڪو پڪو
اڪي ٻڌي راند
بال
پچ 2
ڪوڏِي ڪوڏِي
راند ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون