باگو فقير

باغو فقير/ باگو فقير:هيءُ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هڪڙو امير هو. سندس پيءُ جو نالو مرزو فقير هو، جيڪو بھادر شخص هو ۽ سلطانِ جنگ جو لقب مليل هيس. ميان صادق علي خان ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي هو. ميان عبدالنبي، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ قلات جي خان ۽ جوڌپور جي راجا کان مدد وٺي آيو. تڏهن مرزو فقير ۽ سندس پٽ باغو فقير، لشڪر گڏ ڪري راجپوتن سان وڙهيا ۽ کين ڀڄائي ڪڍيائون. 1196ھہ/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي تہ باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري. وري جڏهن ميان عبدالنبي، تيمور شاھہ جي لشڪر کي چاڙهي وٺي آيو تڏهن بہ باغي فقير ان لشڪر کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1196.00.00  عيسوي

1196هه/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي ته باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري .


1781.00.00  عيسوي

1196هه/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي ته باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاتو کهاوڙ
شاھہ حسن
ڀوڄراج شيوڪ
پيرو کٽي
قاسم رضا پيرزادہ
پرڀداس ويرواڻي
جمعو فقير
تبريزي شمس الدين
داس طالب
بئريسٽر عبدالرحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون