باگڙجي

باگڙجي: سکر ۽ بدين تعلقن ۾ هڪ ديھہ جو نالو. شڪارپور ضلعي جي تعلقي لکيءَ جي هڪ ديھہ. جنهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ موجود آهن: ’باگڙجي‘، ’گهمرا‘، ’ڪلهڙي‘، ’ريلوي اسٽيشن باگڙجي‘، ’مزار گنج علي‘، ’صبا‘ ۽ ’پيارو خروس‘. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول آهن. هتي ڇوڪرين لاءِ مڊل اسڪول ۽ ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول بہ آهي. هتي اسپتال موجود آهي. سنڌ جو مشھور تعليمدان آغا تاج محمد اصل هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديھہ جو نالو بہ باگڙجي آهي.


لفظ باگڙجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو