ببليوگرافي (Bibliography ):ببليوگرافي لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن”ببلس“ (Biblious) معنيٰ ”ڪتاب“ ۽ ”گرافو“ (Grapho) معنيٰ ٿي ”ڪتاب لکڻ يا نقل ڪرڻ.“
موجودہ وقت ۾ ببليو گرافيءَ جا ٻہ مکيہ مطلب ورتا ويندا آهن: (1) ڪتابن جي سلسلي وار ترتيب ۽ (2) ڪتابن بابت مستند ڄاڻ.
1. ڪتابن جي سلسليوار ترتيب: هن قسم جي ببليو گرافيءَ ۾ ڪتابن جي فهرست يا ترتيب اهڙي نموني رکي ويندي آهي، جو محققن، شاگردن ۽ استادن کي ڪتابن حاصل ڪرڻ ۽ حوالا چونڊڻ ۾ آساني ٿئي.
2. ڪتابن بابت مستند ڄاڻ: هن قسم جي ببليوگرافيءَ کي تجزياتي ببليوگرافي بہ چئجي ٿو. هي جديد طريقو آهي, جيڪو 20 هين صدي عيسوي ۾ ترقيءَ تي پهتو.
ببليوگرافي ڪنهن بہ ٻولي ۾ لکيل ڪتابن جي فهرست کي چئجي ٿو. ببليوگرافيءَ هڪ قسم جو آرٽ بہ آهي تہ سائنس به، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ اهي سڀئي ڳالهيون شامل آهن. جيڪي ٻنهي علمن لاءِ لازمي ٿين ٿيون. جيئن تہ هن وقت دنيا جي هر ترقي يافتہ ٻوليءَ ۾ روزانو سوين ڪتاب پيا ڇپجن. ان ڪري ببليوگرافيءَ کي پڻ مختلف شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. مثلاً سائنسي ڪتابن جي جدا ببليوگرافي تيار ڪئي ويندي آهي تہ وري ديني، ادب جي جدا، تاريخي ڪتابن، ناولن، شاعريءَ، رسالن ۽ ٻاراڻي ادب جون جدا جدا ببليوگرافيون تيار ڪيون وينديون آهن. موجودہ وقت ۾ هن علم اڃا بہ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، جنهن موجب ڪتاب جو نالو، ليکڪ/ مترجم/ مرتب جو نالو، ڪتاب ۾ ڪم آندل پني، جلد بندي، صفحن، ڇپائيءَ جي تاريخ ۽ سال وغيرہ جي معلومات درج ٿيندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ پاڪستان کان اڳ هندو عالمن، سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون تيار ڪيون هيون. تازو ڪجهہ ادارن سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون شايع ڪيون، جن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ”سنڌالاجي“ ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ وغيرہ شامل آهن. جن مان شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن کي سنڌي علم ۽ ادب بابت سٺي ۽ مفيد معلومات حاصل ٿي رهي آهي. مطلب تہ ببليوگرافي ڪتابن بابت هڪ قسم جي ڊائريڪٽري هوندي آهي، جنهن مان پڙهيل طبقو چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ آسانيءَ سان گهربل موضوع بابت ڪتاب آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو.