
ڪرينا ۽ ڪرشما پنهنجي ماءُ ببيتا سان گڏ
ببيتا (اداڪارہ): بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارہ ۽ ڪپور خاندان جي وڏي ننهن ببيتا ڀنڀاڻي جو جنم 20 اپريل 1948ع تي ممبئي ۾ ٿيو. سندس گهراڻي جو تعلق سنڌ سان هو، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ وڃي آباد ٿيا. سندس پيءُ هري شوداساڻي پڻ هندستاني فلمن ۾ بطور اداڪار تمام گهڻي شھرت ۽ ڪاميابي ماڻي. ببيتا، پنھنجي تعليم ممبئي (هندستان) مان حاصل ڪئي، جنهن بعد هري شِوداساڻي کيس فلمن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي مشھور ۽ تجربيڪار پروڊيوسر جي. پي. سپي (G.P.Sippy) سان گڏ هڪ اسڪرين ٽيسٽ جو انعقاد ڪيو. ان ٽيسٽ ۾ ببيتا کي بھترين اداڪاري ڪرڻ سبب چونڊيو ويو. هن جي پهرين فلم ’دس لاک‘ هئي، جيڪا 1966ع ۾ رليز ٿي. سندس پهرين فلم جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان فلمن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جن ۾: ’راز‘ (1967ع)، ’فرض‘ (1967ع)، ’قسمت‘ (1968ع)، ’حسينہ مان جائيگي‘ (1968ع)، ’اولاد‘ (1968ع)، ’تم سي اڇا ڪون هي‘ (1969ع)، ’ايڪ شريمان ايڪ شريمتي‘ (1969ع)، ’ڊولي‘ (1969ع)، ’انمول موتي‘ (1969ع)، ’انجانا‘ (1969ع)، ’ڪب؟ ڪيون؟ ڪهان؟‘ (1970ع)، ’پهچان‘ (1970ع)، ’ڪل آج اور ڪل‘ (1971ع)، ’بکري موتي‘ (1971ع) ۽ ’بنڀول‘ (1971ع) فلمون شامل آهن.
6 نومبر 1971ع تي هن جي شادي هندستاني فلم انڊسٽري تي راڄ ڪندڙ پرٿوي راج ڪپور گهراڻي جي چراغ رنڌير ڪپور سان ٿي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جو اولاد ٿيو. رنڌير ڪپور سان شادي بعد سندس ٽي فلمون ’جيت‘ (1972ع)، ’ايڪ حسينہ دو ديواني‘ (1972ع) ۽ ’سوني ڪي هاتھہ‘ (1973ع) رليز ٿيون، جنهن بعد هن ڪپور خاندان جي روايت مطابق فلمي دنيا کي هميشہ لاءِ خيرباد ڪري ڇڏيو. ڪرشمہ ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جي پيدائش بعد ٻنهي زال مڙس جي وچ ۾ ڪجهہ عرصي تائين شديد گهريلو اختلافات رهيا، جنهن سبب ببيتا پنھنجي ٻنهي نياڻين سميت عليحدگي اختيار ڪئي. 20 سالن جي طويل عرصي بعد 2007ع ڌاري، ببيتا سمورا ويڇا وساري ٻيهر پنھنجي گهرواري رنڌير ڪپور سان هڪ ٿي بھترين ۽ خوشحال زندگي گذاري رهي آهي.
1948.04.20 عيسوي
بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ۽ ڪپور خاندان جي وڏي ننهن ببيتا ڀنڀاڻي جو جنم 20 اپريل 1948ع تي ممبئي ۾ ٿيو.