بجار خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر ، مير بھرام خان جو پٽ ۽ مير صوبدار خان ٽالپر جو ڀاءُ هو . جڏهن مير بھرام خان کي ميان سرفراز ۽ راڄو ليکيءَ جي سازش جي خبر پئي ، تڏهن مير بھرام خان پنھنجي پٽ مير بجار کي حرمين شريفين موڪلي ڇڏيو ، پٺيان ميان سرفراز خان ، مير بھرام ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو . مير بجار جڏهن حرمين کان واپس آيو ، تڏهن راڄو ليکي سندس ڊپ کان زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي . راڄو ليکيءَ جو پٽ تاجو ليکي پنھنجي پيءُ جي جڳھہ تي ويٺو . تاجو ليکي ميان غلام نبي کي ورغلائي مير بجار سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو . ٻنهي ڌرين ۾ ” لانياري “ واري جنگ لڳي ، جنهن ۾ مير بجار کي فتح حاصل ٿي . تاجو ليکي موقعو ملندي ئي لانياري واري جنگ ۾ ميان غلام نبيءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو . ميان غلام نبيءَ کانپوءِ ميان عبدالنبي تخت تي ويٺو . جڏهن تاجو ليکي ڀاءُ ۽ پٽن سوڌو گرفتار ٿيو تہ ميان عبدالنبي سندس قتل جو حڪم ڏنو ، پر مير بجار خان سفارش ڪري کين بچايو . عزت يار خان ڪلهوڙي جڏهن افغانن جي مدد سان پنھنجي چاچي ميان عبدالنبيءَ تي حملو ڪيو ، تڏهن مير بجار خان لشڪر وٺي سندس مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ميان عزت يار خان کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو . ميان عبدالنبي کي تاجو ليکي ورغلايو ۽ تاجو ليکيءَ جوڌپور جي راجا کي عمرڪوٽ جي قلعي جي لالچ ڏئي مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر کي قتل ڪرائي ڇڏيو . اهو واقعو 1194ھہ/1780ع ۾ ٿيو .