
سرد علائقن ۾ گھر ۾ ٺهيل بخارو يا چمني
بُخارو: ڪمري ۾ دونهين جي نيڪال لاءِ ڀت جي اندران ٺهيل چمنيءَ کي بخارو چئبو آهي. اڳي سياري جي ڏينهن ان ۾ ڪاٺيون يا ٽانڊا ٻاري ڪمري ۾ گرمائش پيدا ڪئي ويندي هئي ۽ زهريلي دونهين جي نيڪال لاءِ ان ۾ ديوار مان اندران ئي اندران ڇت تائين رستو رکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ ان جو بنيادي مقصد گرمائش پيدا ڪرڻ هو، ان خاص اڏاوت کي سھڻي آرائشي شڪل ڏني ويندي هئي. هن چلھہ جي پاسن واريون ٿنڀڙيون ۽ ان مٿان ليٽايل پٿري سِل يا اوساريل ونگ کي ڪارنس جي شڪل ڏيندا هئا. جنهن تي آرائشي شيون رکي وڌيڪ خوبصورت ڪيو ويندو هو. هاڻي جيئن تہ روايتي چلھہ ۽ ڪاٺيءَ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، انڪري هيءَ اڏاوت بہ متروڪ ٿيندي ٿي وڃي. سنڌ ۾ انگريزن واري دور جي عمارتن ۽ پراڻن بنگلن ۾ بخارا اڃا بہ باقي آهن.