بُخارِي: سنڌ جي ساداتن جي مشھور قبيلن (لڪياري، مٽياري،بخاري) مان هڪ قبيلي جو نالو، جن جا وڏا بخارا مان آيل هئا. سنڌ ۽هند جا سمورا بخاري سادات، جلال الدين سرخ پوش بخاري رحمة ﷲ عليہ جو اولاد آهن. کين 3 فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد بهاؤالدين،(3) سيد محمد.سيد سرخ بخاريءَ سيد بدرالدين رضويءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. بخارا کان سڌو بکر آيو ۽ پوءِ ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سکر، بخاري ساداتن جو قديم مسڪن هو، تنهنڪري گهڻا بخاري پير هن شھر ۾ ئي آرامي آهن: جھڙوڪ مخدوم نوح بخاري، جيڪو قلعي بکر اندر ستل آهي، سيد سومر شاھہ بخاري ۽ سيد بقا شاھہ وغيرہ.