بختاور خان، ملڪ: خان ملڪ'>بختاور خان ملڪ اصل لاڙڪاڻي جو هو ۽ سيويءَ جو حاڪم هو. شڪارپور وارو پاسو بہ انهيءَ سان هو. جڏهن ميان يارمحمد ڪلهوڙو شڪارپور تي ڪاهي آيو، تڏهن بختاور خان ڀڄي شھزادي محمد معزالدين وٽ ملتان ۾ ويو، شھزادي سندس پرڳڻي ۾ وڃڻ گهريو، پر هن نٽايو، تنهن تي شھزادي هن سان وڙهي کيس مارايو ۽ پوءِ سگهوئي سندس ڀاءُ ملڪ الھہ بخش کي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين.