
بختاور پليجو

کاٻي کان؛ بختاور پليجو، نسيم حميد ۽ الطاف شيخ
بختاور پليجو: بختاور ڌيءَ غلام قادر پليجو ۽ اختر بلوچ، 2 سيپٽمبر 1976ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم. اي ڪئي اٿس. سندس سڃاڻپ هڪ شاعرہ ۽ آرٽسٽ جي حيثيت سان آهي. شاعريءَ ۾ آزاد نظم سندس پسنديدہ صنف آهي. هن ڪيترائي خوبصورت آزاد نظم لکيا آهن ۽ ڪجهہ ڪهاڻيون بہ لکيون اٿس. هن وقت ناپا (NAPA) ڪراچيءَ ۾ ڊرامي جي فن تي تربيت وٺڻ سان گڏ اتي تدريس جو ڪم پڻ ڪري رهي آهي. سندس ڀيڻ سَسئي پليجو، ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير آهي.
1976.09.02 عيسوي
بختاور پليجو: بختاور ڌيءَ غلام قادر پليجو ۽ اختر بلوچ ، 2 سيپٽمبر 1976ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو