بختيار چنا

بختيار چنا: صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چنا، سنڌ جي مشھور اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ بئنڪر گل محمد چنا جو فرزند آهي. هن 4 فيبروري 1968ع تي نوابشاھہ ۾ جنم ورتو. هن ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرز ڪئي. بئنڪاريءَ بابت نڪرندڙ واحد سنڌي مخزن ماهوار ’بئنڪنگ‘ جو 1988ع تائين ايڊيٽر رهيو، بعد ۾ ’سنڌ ايڪسپريس‘ (انگريزي) ۽ ’نواءِ وقت‘ ڪراچي (اردو) اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۾ 1992- 1993ع تائين سنڌي ميڊيا جي تجزيي نگار ۽ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪيائين. 1996ع کان نوابشاھہ مان نڪرندر هفتيوار ’پروان‘ جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع کان نوابشاھہ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ۽ پوءِ سرڪاري وڪيل ٿيو. هن 1992ع ۾ صحافين جي تنظيم ’سنڌ جرنلسٽس نيٽ ورڪ فار چلڊرين‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو هو. 2000ع کان گريجوئيٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو مرڪزي سيڪريٽري رهيو آهي ۽ نوابشاھہ ۾ عورتن جي حقن لاءِ سٽيزن ائڪشن ڪميٽي جوڙي، ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.02.04  عيسوي

بختيار چنا: صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چنا ، سنڌ جي مشهور اديب ، ڪهاڻيڪار ، ناول نويس ۽ بئنڪر گل محمد چنا جو فرزند آهي . هن 4 فيبروري 1968ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام محمد خان مھر سردار
پير نعمت ﷲ قريشي
سيد غوث علي شاھہ
سٻڙ خان خدمتگار
بابا سريچند
جوڻيجوعبدالخالق
غلام رسول رند پهلوان
پلي وڏيرو محمد سگهو
صديق علي خان نواب
ابڙو احمد خان شيدا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون