بخشو لانگاهه

بخشو لانگاهه / بخشو لنگاهه: بخشو لانگاهه ملتان ۽ اُچ جو رهندڙ هڪ سردار هو، جنهن همايون کي روهڙيءَ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي. هن 1543ع ۾ پنجاهه ٻيڙين تي، لانگاهه، ٻروچ ۽ ناهر قبيلن جو لشڪر چاڙهي، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياري، قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. قلعي ۾ لشڪر ٿورو هو، پر ان حملي آورن کي، قلعي جي برجن تان باهه وسائي، ڀڄائي ڇڏيو. بخشي خان کي شڪست کائي پوئتي موٽڻو پيو. ٽي ڏينهن ساندهه بخشي خان قلعي فتح ڪرڻ جي انتظار ۾ روهڙيءَ ۾ گذاريا ۽ پوءِ نااميد ٿي ملتان ڏانهن موٽيو ۽ واٽ تي ڳوٺ ڦُريندو ويو. سلطان محمود ڪوڪلتاش جيسين جيئرو رهيو، بکر جي قلعي جي حفاظت ڪندو رهيو.


لفظ بخشو لانگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1543.00.00  عيسوي

بخشو لانگاهه / بخشو لنگاهه: بخشو لانگاهه ملتان ۽ اُچ جو رهندڙ هڪ سردار هو ، جنهن همايون کي روهڙيءَ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي . هن 1543ع ۾ پنجاهه ٻيڙين تي ، لانگاهه ، ٻروچ ۽ ناهر قبيلن جو لشڪر چاڙهي ، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياري ، قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عزيز قاسماڻي
زاهد صديقي
ٻنوي سيف
طاهره واسطي
عمر قريشي
علياڻي قائم خان
خلجي جلال الدين فيروز
ايلسا قاضي
خوبسنگهه ديوان
شيخ عمر شهاب الدين سهروردي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون