بخشو لانگاھہ / بخشو لنگاھہ: بخشو لانگاھہ ملتان ۽ اُچ جو رهندڙ هڪ سردار هو، جنهن همايون کي روهڙيءَ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي. هن 1543ع ۾ پنجاھہ ٻيڙين تي، لانگاھہ، ٻروچ ۽ ناهر قبيلن جو لشڪر چاڙهي، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باھہ ڏياري، قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. قلعي ۾ لشڪر ٿورو هو، پر ان حملي آورن کي، قلعي جي برجن تان باھہ وسائي، ڀڄائي ڇڏيو. بخشي خان کي شڪست کائي پوئتي موٽڻو پيو. ٽي ڏينهن ساندھہ بخشي خان قلعي فتح ڪرڻ جي انتظار ۾ روهڙيءَ ۾ گذاريا ۽ پوءِ نااميد ٿي ملتان ڏانهن موٽيو ۽ واٽ تي ڳوٺ ڦُريندو ويو. سلطان محمود ڪوڪلتاش جيسين جيئرو رهيو، بکر جي قلعي جي حفاظت ڪندو رهيو.
1543.00.00 عيسوي
بخشو لانگاهه / بخشو لنگاهه: بخشو لانگاهه ملتان ۽ اُچ جو رهندڙ هڪ سردار هو ، جنهن همايون کي روهڙيءَ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي . هن 1543ع ۾ پنجاهه ٻيڙين تي ، لانگاهه ، ٻروچ ۽ ناهر قبيلن جو لشڪر چاڙهي ، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياري ، قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي .