بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻويءَ جي شاعري جو مجموعو ’التجا‘

بخشڻ مهراڻويءَ جي شاعري جو مجموعو ’التجا‘

بخشڻ مهراڻوي

بخشڻ مهراڻوي: ناميارو شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي، 18 آڪٽوبر 1964ع تي سانگهڙ ۾، سنڌ جي بيباڪ صحافي ۽ ٽه روزہ ’الفقراء‘ اخبار جي باني، شھيد فقير محمد رحيم مھر جي گهر ۾ جنم ورتو. بخشڻ مهراڻويءَ جو اصل نالو محمد بخش آهي، پر ادبي دنيا ۾ بخشڻ مهراڻويءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن ابتدائي تعليم، پنھنجي ڳوٺ شھيد فقير محمد رحيم مھر ’فقيرآباد‘ تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهول مان ڪيائين. بعد ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان گرئجوئيشن جي ڊگري ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ جو ڪافي سال سيڪريٽري رهيو. سانگهڙ ۾ ڪيتريون علمي ادبي تقريبون ڪرايائين، جن ۾ ’سانگهڙ ثقافتي ميلي‘ 1992ع جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڪرايل ٻن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن جو تاريخي مشاعرو ’رنگ رتي سانجهہ‘ وغيرہ شامل آهن.
بخشڻ مهراڻويءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ’التجا‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان کانسواءِ سندس ڪيترا ڪالم ۽ نثري تحريرون مختلف اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. ليکڪ مظفر چانڊيي جي ترتيب ڏنل سنڌ جي نوجوان سڄاڻ شاعرن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ۾ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز، بخشڻ مهراڻويءَ جي شاعريءَ کي ’امرتا جي اُڻيل شاعري‘ سڏي واکاڻيو آهي.
بخشڻ مهراڻويءَ جي ٻي سڃاڻپ جو سگهارو حوالو، ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي مقبول ڪمپيئر جو بہ آهي. هو گذريل 25 سالن کان ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج تي ڪمپيئرنگ ڪندو اچي. شاھہ لطيف جي ميلي تي راڳ جي محفل ۾ بہ نصير مرزا سان گڏ هر سال ڪمپيئرنگ ڪندو آهي. بخشڻ مهراڻوي، سنڌ جي مختلف سنڌي ٽي. وي چئنلن تي ڊائريڪٽر طور علمي، ادبي ۽ موسيقيءَ جي پروگرامن کان سواءِ يادگار ڊاڪيومينٽريون بہ ٺاهي چڪو آهي. هي سنڌ جي مشھور سيٽلائيٽ چئنلن- ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي. وي جي بنياد وجهندڙ پهرئين سٿ ۾ بہ شامل رهيو. اڄڪلھہ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجو ذاتي پراڊڪشن هائوس، ’هدايت پراڊڪشن‘ جي نالي سان هلائي رهيو آهي. هي مختلف وفدن سان گڏ هندستان، برطانيا، سريلنڪا، ملائيشيا وغيرہ جا دورا بہ ڪري چڪو آهي. کيس بھترين شاعر، ڪمپيئر، آرگنائيزر ۽ ڊائريڪٽر جا ڪيترا اوارڊ بہ ملي چڪا آهن، جن ۾ بھترين ريڊيو ڪمپيئر اوارڊ، لاڙ عوامي اوارڊ، بھترين صداڪار اوارڊ، قليچ بيگ اوارڊ، قلندر لعل شھباز اوارڊ، سچل اوارڊ، لطيف اوارڊ قابل ذڪر آهن.
بخشڻ مهراڻوي، مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين پاران سنڌ جي مشھور فنڪارن جي ڪيسٽن کي بہ ترتيب ڏنو آهي، جن ۾ ٿر پراڊڪشن طرفان ’سڏڪا سمنڊ جا‘ ۽ ’سُڏڪا ساھہ جا‘ مقبول ترين البم آهن. ان کانسواءِ حميره چنا جي آواز ۾ مختلف فنڪارن جا مشھور ڪلام ٻيهر رڪارڊ ڪرائي، مختلف البم پڻ ترتيب ڏنا اٿس، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. سندس شاعري سنڌ جي مشھور فنڪارن: وحيد علي، عابدہ پروين، سرمد سنڌي، احمد مغل، عاشق نظاماڻي ۽ وچن سنڌي وغيرہ ڳائي آهي. خاص طور، عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ سندس غزل ’تنھنجون يادون ۽ هي اڪيلائي‘ تمام گهڻو مقبول ٿيو.
بخشڻ مهراڻوي هن وقت مستقل طور قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهي ٿو. کيس ٻن پٽن: رانول علي، پرين علي ۽ هڪ نياڻي ساڀيان عليءَ جو اولاد آهي.
بخشڻ ذاتي پراڊڪشن هائوس هلائڻ کانسواءِ ايف. ايم 100.6 حيدرآباد تان ’محفلِ شب‘ پروگرام ۽ مهراڻ ٽي. وي تانحق موجود‘ پروگرام ڪندو آهي.


لفظ بخشڻ مهراڻويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.18  عيسوي

نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي، 18 آڪٽوبر 1964ع تي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد سنڌي
ڀونگر
بدر سومرو
ثاقب منگي
شعيب اختر
خانو رام ڀڳت
مولانا محمد علي سنڌي
مرزا محمد عيسي بيگ ترخان
سونو مل کنگهاراڻي
مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون