بخش علي خاصخيلي: بخش علي خاصخيلي، ٽالپرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي ابتدائي دور جو هڪ سڄاڻ سگهڙ ٿي گذريو آهي. ڀِرين جي ڀرسان وليداد خان خاصخيليءَ جي واهڻ جو ويٺل هو. سنڌ جا سڀئي رومانوي داستان اڪثر کيس ياد هئا. سنڌ جي گهڻن ئي شاعرن جو ڪلام کيس ياد هوندو هو ۽ ڳائي ٻڌائيندو هو. سندس آواز ۾ ڏاڍو سوز ۽ گداز هو. هن 1945ع ڌاري اٽڪل سوا سؤ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
1945.00.00 عيسوي
بخش علي خاصخيلي: بخش علي خاصخيلي ، ٽالپرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي ابتدائي دور جو هڪ سڄاڻ سگهڙ ٿي گذريو آهي هن 1945ع ڌاري اٽڪل سوا سؤ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي .