بلور، چدا يا گوليون

بلور، چدا يا گوليون

ٻارڙا بلور راند کيڏي رهيا آهن

ٻارڙا بلور راند کيڏي رهيا آهن

بد

بِد: گولين يا بلورن راند کيڏڻ لاءِ ننڍڙي کڏ يا ’سَچُ‘. بلورن راند لاءِ پهريائين زمين تي بلور جي ماپ جيترو ’سچ‘ ٺاهبو، پوءِ ٻہ ڄڻا يا وڌيڪ جيترا بہ رانديگر ٿين، اُهي مقرر مفاصلي تان بيهي، ’سچ‘ ڏانهن بلور اُڇليندا، پوءِ جنهن جو بلور ’سچ‘ کي وڌيڪ ويجهو هوندو، اهو پهرين ڊائي وٺندو، يعني راند شروع ڪرڻ جو حقدار ٿيندو. ’سچ‘ مان بلور ”ٻوڙڻ“ کان پوءِ ڪچن رانديگرن جي گولين کي ڌڪ هڻندو ۽ کين آئوٽ ڪري سگهندو. جيڪڏهن ’سچ‘ ٻُڏل بلور نہ هوندو تہ پوءِ پڪي رانديگر کان ڀڄندو ۽ پنھنجي بلور کي مارجڻ کان بچائيندو. اها راند ۽ بلورن جون ٻيون رانديون بہ ٿينديون آهن. ”بِد“ کي ”گد“ بہ چوندا آهن.


لفظ بدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو