بدخشان

بَدَخشان: افغانستان جي اُتر ۾ هڪ پرڳڻو، جيڪو ياقوتن ۽ لعلن جي ڪري مشھور آهي. فيض آباد ان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اُن جي اُوڀر ۽ اتر ۾ تاجڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ پاڪستان آهي. هن ۾ دامان بہ شامل آهي، جيڪو چين جي صوبي سنڪيانگ تائين وڃي ٿو. پهاڙي علائقو آهي ۽ معدنيات جي لاءِ مشھور آهن، جھڙوڪ سون، لوھہ، لاجورد ۽ گندرف وغيرہ. هتي جون لَعلُون ۽ ياقوت سڀ کان وڌيڪ لاجواب آهن. زرعي پيداوار کان علاوہ اُن ۽ کَلون بہ هتي جي پيداوار ۾ شامل آهن. هتي پستا بہ پيدا ٿين ٿا. هتي ريشم جا ڪينئان پالي ريشم بہ حاصل ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي شاعرن بدخشان جي سرخ لعلن جو پنهنجن شعرن ۾ ذڪر ڪيو آهي.


لفظ بدخشانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو