بدر جو علائقو، مڪو شريف پڻ نظر اچي رهيو آهي، ۽ پڻ مسجد الحرام... گگل

بدر جو علائقو، مڪو شريف پڻ نظر اچي رهيو آهي، ۽ پڻ مسجد الحرام... گگل

سعودي عرب ۾ بدر جو علائقو

سعودي عرب ۾ بدر جو علائقو

بدر

بَدَر: مڪي ۽ مديني جي درميان حجاز جو مشھور چشمو، جيڪو مديني منوره کان تقريباً 80 ميل پري آهي. هن هنڌ عھد نبويءَ جو پهريون اهم غزو پيش آيو. جاهليت واري دور ۾ هن جي اها اهميت هئي، جو پهرين ذوالقعد کان اٺن ڏينهن تائين هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو، جتي گيھہ، کَلون، روغن، اُٺ، ٻڪريون ۽ اوني عبائون واپار لاءِ اينديون هيون. بدر جي جوءِ اُچن پهاڙن جي وچ ۾ اڻانگي هنڌ تي گهيريل آهي، ليڪن اڻلڀ هنڌ تي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي ڪري شام ڏانهن ويندڙ قافلن جي منزل ٿي رهيو آهي. اسلام کان اڳ هتي بنوضمره آباد هئا، جن جي هڪ شاخ بَنو غفار هئي، جن جي اصلاح لاءِ حضرت ابوذر غفاريءَ کي مقرر ڪيو ويو هو. بدر بيضوي شڪل جو ساڍا پنج ميل ڊگهو ۽ ساڍا چار ميل ويڪرو ميدان آهي. اُتي چوڌاري اُوچا پهاڙ آهن. مڪي، شام ۽ مديني وڃڻ واريون واٽون ڏکڻ، اتر ۽ اوڀر کان اچي بدر جي ميدان ۾ ملن ٿيون.


لفظ بدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0000.11.01  هجري

بَدَر: مڪي ۽ مديني جي درميان حجاز جو مشهور چشمو ، جيڪو مديني منوره کان تقريباً 80 ميل پري آهي . هن هنڌ عهد نبويءَ جو پهريون اهم غزو پيش آيو . جاهليت واري دور ۾ هن جي اها اهميت هئي ، جو پهرين ذوالقعد کان اٺن ڏينهن تائين هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو ، جتي گيهه ، کَلون ، روغن ، اُٺ ، ٻڪريون ۽ اوني عبائون واپار لاءِ اينديون هيون



ارضيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٽيهل
الھہ اوڀايو ڍنڍ
ٻوڙي ڍنڍ
بدر
حسن علي واھہ
دادو ڪئنال
ايل بي او ڊي
ٻانڀڻائيءَ جي ترائي
الاکائي ڍنڍ
ڀور ڍنڍ
ارضيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون