
بدنصيب ٿري - ڪتاب جو عڪس
بدنصيب ٿري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب، نامور اديب ۽ تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل مشھور ڊرامو آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 144 صفحا آهن ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. ڇاپو پهريون، سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، ايڊيوڪيشنل پريس، ڪراچيءَ مان سال 1939ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، هندستان بوڪ ڊيپو طرفان آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپيو. پنجون ڇاپو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1948ع ۾ شايع ڪيو. ۽ ڇهون ڇاپو بہ آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس طرفان، سال 1957ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو هڪ ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ پاران بہ 1999ع ۾ ڇپيو. سيد غلام مصطفيٰ عرساڻي صاحب جي ٻن ڪتابن تي مشتمل ڪتاب ’ٻہ ڪتاب‘ ڇپايو هو، جنهن ۾ ’بدنصيب ٿري‘ بہ شامل آهي.